سکر(بيورو رپورٽ) ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو آهي سکرضلعي ۾ پوليو جو انوائرمينٽل سيمپل مسلسل پازيٽو اچي رهيو آهي ڪنهن به وقت پوليو جو...
سکر(بيورو رپورٽ) ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو آهي سکرضلعي ۾ پوليو جو انوائرمينٽل سيمپل مسلسل پازيٽو اچي رهيو آهي ڪنهن به وقت پوليو جو ڪيس ظاهر ٿي سگهي ٿو ان لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي گهرن گهٽين ۽ پاڙن ۾ صفائي ۽ کاڌي پيتي جو خيال رکڻ سان گڏ اسان کي پنهنجي اندر شهري سينس پيدا ڪرڻ گهرجي اهڙن خيالن جو اظهار هن روٽر ڪلب اسڪول سکر ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جو افتتاح دوارن ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرسکر رانا عديل تصور ، اي سي سٽي ، ڊي ايڇ اوز، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، روٽري ڪلب، پي پي ايڇ آءِ، ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن سان گڏ عوامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور چيو ته اسان سڀني جو قومي فرض آهي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي هن موذي مرض کان بچائي صحت مند معاشرو پيدا ڪيون ان کان اڳ ڊائريڪٽر هيلٿ آغا سميع الله پوليو مهم خلاف ورتل اپاءُ جي تفصيلن کان آگاھ ڪيو بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل روٽري ڪلب اسڪول سکر کان پريس ڪلب سکر تائين پوليو جي آگاهي واڪ جي قيادت ڪئي.
.
.

COMMENTS