دادو (رپورٽ علي گل چنه ) دادو ضلع ڪائونسل دادو پاران ھلندڙ سال ضلع ڪائونسل جي ميمبرن ۽ ملازمن لاء عمري جي سعادت لاء قراندازي ڪئي وئي ھئي جنھ...
دادو (رپورٽ علي گل چنه ) دادو ضلع ڪائونسل دادو پاران ھلندڙ سال ضلع ڪائونسل جي ميمبرن ۽ ملازمن لاء عمري جي سعادت لاء قراندازي ڪئي وئي ھئي جنھن ۾ نامزد ٿيندر اميدوارن ۾ ٽيڪيٽون ۽ 929000 ڪيش رقم تقسيم ڪئي ويئي خبر موجب؛ ضلع ڪائونسل دادو جي چيئرمين سردار اشرف خان سولنگي، چيف آفيسر ضلع ڪائونسل دادو جاويد بلوچ ميمبرن شھزاد ڀنڊ، شاھ محمد نائچ امير علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلع ڪائونسل ۾ عمري جي سعادت لاء منتخب اميدوارن ۾ عمري جون ٽڪيٽون ۽ روڪ رقم تقسيم ڪئي وئي ان موقعي تي سردار اشرف خان سولنگي، شھزاد ڀنڊ، شاھ محمد نائچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 12 ضلعي ڪائونسل جا ميمبر ۽ 6 ضلع ڪائونسل جا ملازمن سميت 18 ڄڻا خوش نصيب آھيو جو عمري سعادت لاء اوھان جا ڪڻا نڪتا آھن اوھان کي مبارڪون ھجن ھنن وڌيڪ چيو اوھان مديني ۾ ملڪ ۽ سنڌ لاء ۽ خاص ڪري دادو جي وڌيڪ بھتري لاء دعا ڪجو،اسانجي ڪوشش هئي ته ترقياتي ڪمن سان گڏو گڏ ميمبرن کي عمري جي سعادت لاء ڪڻا ڪڍي هن خوشنصيبن کي مديني ڏانهن روانو ڪيون جيڪو نيڪي جو مقصد خير سان ڪامياب ويو انشاالله زندگي ۾ اهڙو ٻيهڙ موقعو مليو ته سڀني ميمبرن کي مديني جي زيارت لاء موڪلينداسين هن وڌيڪ چيو ته اسان اوھان کي واپسي مھل ڪراچي ايئرپورٽ تي وٺڻ پڻ ايندا سين.اميدوار 27 فيبروري تي عمري جي لاء سعودي عرب روانہ ٿيندا ۽ 15 ڏينھن بعد ڏيھ 13 مارچ تي واپس ورندا

COMMENTS