جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت مذهب مٽائي پسند جي شادي ڪندڙ مهڪ ڪماري کي ڪراچي جي چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر منتقل ڪرڻ ۽ سندس نڪاح واري معا...
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت مذهب مٽائي پسند جي شادي ڪندڙ مهڪ ڪماري کي ڪراچي جي چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر منتقل ڪرڻ ۽ سندس نڪاح واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت نينگري مهڪ ڪماري عرف عليزه جي ڪيس تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت مهڪ ڪماري کي ڪراچي جي چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته کيس ٻن ڏينهن اندر سينٽر منتقل ڪيو وڃي، جڏهن ته وومين ڊولپمينٽ اٿارٽي سنڌ جي سيڪريٽري کي مهڪ کي ترسائڻ جا انتظام ڪري روزاني بُنيادن تي سندس سار لهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
عدالت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي مهڪ ڪماري جو نڪاح ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن مهڪ ڪماري بالغ نه آهي ته ساڻس پسند جي شادي ڪندڙ علي رضا سولنگي ۽ سهولتڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. فيصلو ٻڌائڻ وقت نينگري مهڪ ڪماري دارالامان اختيارين جي حراست ۾ ويٺل رهي، جڏهن ته مهڪ ۽ نوجوان علي رضا سولنگيءَ جا وڪيل عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا. عدالتي فيصلي کانپوءِ نينگري مهڪ ڪماري کي سخت سيڪيورٽي ۾ دارالامان اُماڻيو ويو.

COMMENTS