سکر(بيورو رپورٽ) سکر شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ اولياء الله جي مشهور درگاهن تي منشيات واپرائيندڙن سميت ڀنگ، چرس، هيروئن ۽ ٻين نشي آور شين جو و...
سکر(بيورو رپورٽ) سکر شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ اولياء الله جي مشهور درگاهن تي منشيات واپرائيندڙن سميت ڀنگ، چرس، هيروئن ۽ ٻين نشي آور شين جو وڪرو ڪندڙ منشيات جي ڪاروباري ماڻهن ديرا ڄمائي ڇڏيا، پوليس کي ڄاڻ هوندي به خاموش، مزارن تي ايندڙ زائرين به اتي موجود موالين جي ڪري پريشان، شهرين پاران نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪرڻ جي اپيل، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته روهڙي ٿاڻي جي حد روهڙي جي بندر روڊ لڳ غازي وڏڻ شاه جي درگاه، ميمڻ پاڙي ۾ پير بولڻ شاه، ڇوهارا مارڪيٽ لڳ نارا ڪئنال تي پير غريب شاه، پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ ريجهه علي شاه جو مئخانو، ننڍي پٽڻي ۾ پير ٻڍل شاه بخاري جي مزار تي جڏهن ته سکر ضلع جي مختلف علائقن ۾ وڏي مقدار ۾ سپلائي ٿيندڙ منشيات جو هول سيل مارڪيٽ به پٽڻي ٿاڻي جي حد ڪنڌرا لنڪ روڊ ڀرسان نارا ڪئنال جي ڪپرن تي گهر ٺاهي ويٺل عمراڻي برادري جا بااثر ماڻهن قائم ڪري ڪيترن ئي سالن کان اهڙو ڪڌو ڪاروبار ڪندڙ آهن، جڏهن ته پراڻي سکر جي مائڪرو ڪالوني درگاه پير مراد علي شاه تي به منشيات جي خريد و فروخت وارو ڪم هلندڙ آهي ٻئي طرف پراڻي سکر جي مشهور درگاه جيئي شاه بادشاه تي به منشيات فروش سرگرم آهن ته وري ايوب گيٽ لڳ شيخ محله ۾ قائم ريلوي ٽي بي وارڊ گارڊن ۾ به موالين جا ٽولا ويهي منشيات واپرائيندا رهن ٿا، جڏهن ته پوليس جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب سکر شهر جي مصروف ترين شيخ شينهن روڊ تي اي سيڪشن ٿاڻي حد ۾ به درگاه شيخ شينهن بادشاه تي به امجد ڪالاباغي عرف لاهوتي منشيات واپرائڻ سميت وڪرو ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي، پر سکر پوليس ڪجه پئسن عيوض پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري منشيات ڏينهون ڏينهن عام ٿيندي پئي وڃي ۽ نوجوان نسل منشيات جو عادي، جنهن ڪري ڏوهن ۾ پڻ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ته ٻئي طرف اولياء الله جي مزارن تي حاضري ڀريندڙ عقيدتمند زائرين به اتي موجود موالين جي ڪري سخت پريشان هجڻ سان گڏ عورتون عدم تحفظ جو شڪار ٿين ٿيون جنهن سبب ڪيترن ئي شهرن پيرن تي وڃڻ ڇڏي ڇڏنو آهي سکر جي سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن ۽ شهرين ڊي آء جي سکر سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته ان طرف ڌيان ڏئي مزارن تي ٿيندڙ منشيات جي ڪاروبار کي بجو ڏنو وڃي ته جيئن ڏوهي وارڌاتن تي ڪنٽرول ٿي سگهي،

COMMENTS