چڪ (رپورٽ:آزاد انور مهر)رستم ڀرسان ڪارنهن الزام ۾ ڀاءُ ھٿان ڀيڻ قتل، لاش گم ڪيو ويو، 2 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل، ڳوٺ سردار خادم حسين جتوئي ڀرسان...
چڪ (رپورٽ:آزاد انور مهر)رستم ڀرسان ڪارنهن الزام ۾ ڀاءُ ھٿان ڀيڻ قتل، لاش گم ڪيو ويو، 2 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل، ڳوٺ سردار خادم حسين جتوئي ڀرسان ويٺل گهر پنهنجا ۾ 15 ڏينهن اڳ شادي شده عورت 32 ورهين جي مسمات سبحان خاتون زال ميرحسن شر کي ڀاءُ الله ورايو شر پنهنجي سئوٽ سوڍل شر سان گڏجي جي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪري لاش گم ڪرڻ انڪشاف ٿيو آهي، ڊي ايس پي خانپور ممتاز کهڙو ٻن سئوٽن الله ورايو ۽ سوڍل شر کي 3 ڏينهن اڳ گرفتار ڪري پنهنجي ڪوارٽر تي بند ڪرڻ بعد ڪارنهن ۾ قتل ٿيل عورت جي خون جا 2 لک روپيا طلب ڪيا هئا، ٽن ڏينهن تائين ڊي ايس پي خانپور ۽ گرفتار شڪي جوابدارن جي مائٽن وچ ۾ ڳالهيون هلنديون رهيون، مامرا طئي نه ٿيڻ تي ٻنهي ڄڻن جي گرفتاري جو اطلاع ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان خان کي ڏنو ويو، ايس ايس پي شڪارپور جي حڪم تي شڪي جوابدارن کي رستم پوليس حوالي ڪيو ويو، رستم پوليس رات دير سان ايس ايڇ او انسپيڪٽر عاشق علي ابڙو جي فرياد تي ٻن جوابدارن الله ورايو ۽ سوڍل شر خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جوابدارن جي گرفتاري ظاهر نه ٿي سگهي آهي.

COMMENTS