ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ ڪابينا ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ 10 ڪروڙ رُپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ...
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ ڪابينا ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ 10 ڪروڙ رُپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران ڪورونا وائرس جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪابينا ڪورونا وائرس جي حوالي سان انڊس اسپتال سان يادداشتنامي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ 10 ڪروڙ رُپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت 5 هزار ٽيسٽنگ ڪٽس گهرائي ورتيون آهن، ڪورونا جي حوالي سان ٽيسٽس رڳو اُنهن ماڻهن جون ڪيون وينديون، جِن چين يا ايران جو سفر ڪيو هجي، يا وري جيڪي اهڙن ماڻهن سان رهيا هجن. ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي ويزير چيو ته جِن ۾ ڪورونا جون علامتون هجڻ جو شڪ هوندو، اُنهن جي ٽيسٽ ڪئي ويندي

COMMENTS