سکر(بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي سکر جي عملي ڪروڙين رپين جِي ڪڻڪ پنجاب اسمگلنگ ڪرڻ جِي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڊي ايف سي وشن داس تلريجا جو چوڻ ...
سکر(بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي سکر جي عملي ڪروڙين رپين جِي ڪڻڪ پنجاب اسمگلنگ ڪرڻ جِي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڊي ايف سي وشن داس تلريجا جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جون 11 هزار ٻوريون آرائين گودام منتقل ڪيون ويون آهن. ڊي ايف سي وشن داس تلريجا جي اڳواڻي ۾ فوڊ انسپيڪٽر قربان ڪلوڙ، نظير احمد ۽ ٻين خوراڪ کاتي سکر جي عملدارن پوليس ساڻ ڪري نيشنل هائيوي روهڙي باء پاس تي پياله هوٽل وٽ ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران 28 ٽرڪن ۽ ٽرالرن ذريعي سنڌ جي ڪڻڪ پنجاب اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي، ڪڻڪ جي ماليت 4 ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي. ڊي ايف سي وشن داس تلريجا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارروائي دوران هٿ ڪيل 11 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون آرائين گدام منتقل ڪيون ويون آهن. هـُن چيو ته سنڌ جي ڪڻڪ پنجاب اسمگلنگ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لاڪ ڊائون کانپوءِ به اهڙيون ڪارروايون جاري رکيون وينديون،

COMMENTS