ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت آغا سهيل جي جاءِ تي ب...
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت آغا سهيل جي جاءِ تي بورڊ جو نئون چيئرمين فوري مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهو به حڪم ڏنو آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي نئين چيئرمين جي مقرريءَ وارو نوٽيفڪيشن 15 ڏينهن ۾ پيش ڪيو وڃي.
عدالتي حڪم باوجود آغا سهيل پٺاڻ کي نه هٽائڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران چيف سيڪريٽري سوڌو ٻين واڳيل اختيارين کي به نوٽيسز جاري ڪيا ويا. عدالت ڌُرين کان 19 مارچ تائين وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.
ايڊووڪيٽ حيدر امام رضوي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ هُن موقف رکيو آهي ته 20 مارچ 2018ع تي عدالت سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين کي ڪرپشن جي الزامن تي هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، پر عدالتي حڪم باوجود آغا سهيل پٺاڻ کي نه پيو هٽايو وڃي.
ٻڌڻيءَ دوران سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ خالد چشتي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي محمد زمان به پيش ٿيا.

COMMENTS