ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سنڌ، پنجاب، آزاد ڪشمير، گلگت، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ وڌيڪ نون ڪيسز جي سامهون اچڻ کانپوءِ پوري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متا...

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سنڌ، پنجاب، آزاد ڪشمير، گلگت، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ وڌيڪ نون ڪيسز جي سامهون اچڻ کانپوءِ پوري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 1577 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ ڪي پي ۾ وڌيڪ ٻن ٻن متاثرن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ پوري ملڪ ۾ فوتين جو انگ 16 ٿي ويو آهي.
سنڌ:
ڪورونا وائرس سبب سنڌ اندر نوان ڪيسز اچڻ کانپوءِ مجموعي طور تي انگ 502 ٿي ويو آهي، ڪراچي ۾ مقامي سطح تي 33 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن، صحت کاتي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ وڌيڪ 33 نوان ڪيسز ظاهر ٿيا آهن، جنهن ۾ ڪراچي ۾ هيل تائين 222 ڪيسز ٿي چُڪا آهن، ان کان علاوه حيدر آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ 7-7 ڪيسز ٿيا آهن، سکر ۾ 265 برقرار آهن ۽ دادو ۾ هڪ مريض علاج هيٺ آهي. ڪراچي ۾ صبح ۾ ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ مجموعي طور تي سنڌ ۾ فوتين جو انگ 3 ٿي ويو آهي.
پنجاب:
پنجاب ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب 570 ڄڻا مرض ۾ مبتلا ٿي چُڪا آهن.سرڪاري انگ اکرن موجب صوبي اندر وڌيڪ ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيسز جو انگ وڌي 570 تائين پهچي ويو آهي، صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊيرا غازي خان ۾ متاثرن جو انگ آهي جنهن ۾ زائرين جو وڏو انگ شامل آهي، هيل تائين 207 ڊيرا غازي خان ۾ زائرين اندر وائرس جي تصديق ٿي آهي، ان کان علاوه ملتان ۾ 79، لاهور ۾ 107، گجرات 52، جهلم 21، راولپنڊي 19 سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن اندر ڪورونا وائرس جي مريضن جي تصديق ٿي آهي. پنجاب حڪومت تصديق ڪندي چيو آهي ته صوبي اندر هن وقت تائين 5 ڄڻا فوت ٿي چُڪا آهن.
خيبرپختونخوا: ڪي پي ۾وڌيڪ چئن ڪيسز جي وڌڻ کانپوءِ صوبي اندرمريضن جو انگ 192 تائين پهچي ويو آهي، اڄوڪي ڏينهن ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبي اندر فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي.
بلوچستان:بلوچستان صوبي ۾ ٻن ڊاڪٽرز سميت ۽ وڌيڪ ٽن ڪيسز کانپوءِ صوبي اندرڪورونا وائرس سبب هيل تائين مجموعي طور تي 141 ڄڻن جي تصديق ٿي چُڪي آهي. جڏهن ته صوبي ۾ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ جي پڻ تصديق ڪئي وئي آهي.
گلگت بلتستان: گلگت بلتستان ۾ وڌيڪ 7 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا آهن، جنهن سبب هاڻي مجموعي طور تي متاثر ٿيندڙ ڪيسز جو انگ 123 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گلگت ۾ هڪ عورت پڻ فوت ٿي چُڪي آهي.
اسلام آباد: وفاقي گادي واري هنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ به مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، هن وقت تائين گادي واري شهر ۾ 43 ڄڻا ڪيسز سامهون اچي چُڪا آهن، جنهن ۾ پولي ڪلينڪ جا ڊاڪٽرز پڻ شامل آهن.
آزاد ڪشمير: آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ چئن ڪيسز جي سامهون اچڻ کانپوءِ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جي مجموعي طور متاثرن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.
COMMENTS