ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي ڦهيلجڻ سبب ڪراچي ۾ انٽر سٽي ٽرانسپورٽ، سي ويو، پارڪس، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس کي 15ڏينهن تائين...
ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي ڦهيلجڻ سبب ڪراچي ۾ انٽر سٽي ٽرانسپورٽ، سي ويو، پارڪس، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس کي 15ڏينهن تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. 19 مارچ کان سرڪاري آفيسز به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مرا علي شاهه جي سربراهيءَ جي اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪراچي ۾ 15 ڏينهن لاءِ شاپنگ مالز، هوٽلون ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کي سڀاڻي کان ئي لاڳو ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪرياني جا دڪان، مڇي مارڪيٽس، ڀاڄين ۽ ميون سوڌو عام واهپي جي شين جا دڪان کُليل رهندا. اجلاس ۾ طئه ڪيو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري 19 مارچ کان سرڪاري آفيسز مڪمل طور بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. اُن کانسواءِ فائيو اسٽار هوٽلن جا ريسٽورنٽس به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي عام ماڻهو وڃي نه سگهندا پر آن لائين يا فون ڪري کاڌي پيتي جون شيون گهرائي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪراچي اندر عام ٽرانسپورٽ به 19 مارچ کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

COMMENTS