سکر(بيورو رپورٽ) تافتان بارڊر کان وڌيڪ 757 زائرين کي سکر ۾ قائم ڪيل آئيسوليشن وارڊ ۾ پهچايو ويو، جڏهن ته 270 زائرين کي پهريان منتقل ڪ...
سکر(بيورو رپورٽ) تافتان بارڊر کان وڌيڪ 757 زائرين کي سکر ۾ قائم ڪيل آئيسوليشن وارڊ ۾ پهچايو ويو، جڏهن ته 270 زائرين کي پهريان منتقل ڪيو ويو هو، جنهن بعد سکر جي ليبر ڪالوني جي ڦليٽن ۾ قائم آئيسوليشن وارڊ ۾ زائرين جو انگ 1027 ٿي ويو آهي، جڏهن ته روز جي بنيادن تي ٿيندڙ چڪاس ۾ هن وقت تائين سکر ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 162 ٿي ويو آهي، سکر پاران قائم ڪيل آئيسوليشن وارڊ ۾ زائرين جي چڪاس سميت کاڌ خوراڪ جا جوڳا قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته پوليس پاران سيڪيورٽي سخت ڪندي ليبر ڪالوني طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي ڀاري نفري مقرر ڪئي ويئي آهي، ٻئي طرف سنڌ سرڪار پاران ريسٽورينٽ، شاپنگ سينٽر، جرنل مرچنٽ مارڪيٽ، اليڪٽرونڪ مارڪيٽ، آٽو پارٽس مارڪيٽ، ڪپڙا بازار، آئرن مارڪيٽ، ڦرنيچر مارڪيٽ، لنڊا بازار، هوٽل، پبلڪ ڪلب، تفريحي پارڪ وغيره بند رکڻ واري فيصلي بعد انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي آهي، پر اهڙي حڪومتي اعلان بعد مزدوري ڪري روزاني جي بنياد تي ٻچڙن لاء راشن خريد ڪندڙ طبقو هاڻي کان ئي ڪورونا وائرس کان وڌيڪ بيروزگار ٿيڻ سبب پريشان آهي، ان سلسلي ۾ سکر جي ڪاروباري طبقي، وڪلاءُ تنظيمن جي اڳواڻن سوڌو سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته بيماري کان بچاءُ پنهنجي جاءِ تي پر عوام کي بيروزگار ڪرڻ سان ڪرائم وڌو حڪومت کي اهڙي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار سکر جي ميمبر آف منيجنگ ڪاميٽي جي ميمبر ايڊووڪيٽ دانش عثمان غني ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار پاران مارڪيٽس کي بند ڪرڻ واري فيصلي سبب عوام ڪورونا وائرس سان نه پر بيروزگاري سبب بکون ڪاٽي مري ويندو، ۽ معاشي نقصان ٿيڻ سان گڏ ڪرائم وڌندو، هن چيو ته بک ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو چوريون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا اسٽريٽ ڪرائم وڌندو جنهن ڪري سنڌ سرڪار اهڙي فيصلي تي نظرثاني ڪري،

COMMENTS