ڪراچي (رپورٽ) سنڌ ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 18 ڪيس ظاهر ٿي ويا آهن. صوبي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 35 ٿي ويو. وڏي وزير ...

ڪراچي (رپورٽ) سنڌ ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 18 ڪيس ظاهر ٿي ويا آهن. صوبي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 35 ٿي ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ اُن کي روڪڻ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، رينجرز، ايف آءِ اي، ڊبليو ايڇ او ۽ مختلف اسپتالن جي ماهرن سوڌو ايئرپورٽ توڙي سول ايويئيشن جي عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ اڄ وڌيڪ 5 مريض ڪورونا جا آيا آهن. 5 مان 3 سعودي عرب مان آيل شخص جا مائٽ آهن، هڪ مريض نمونيا جي ٽيسٽ ڪرائي ته اُن کي به ڪورونا جي تصديق ٿي، هڪ ٻيو مريض ڪوئيٽا کان ڪراچي آيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته تافتان کان سکر منتقل ٿيل 293 زائرين مان 40 ڄڻن جي رت جا نمونما ورتا ويا، جِن مان 13 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي. واضح رهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڏي 35 ٿي ويو آهي.
COMMENTS