ڪراچي/اسلام آباد(اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ملڪ اندر ڪورونا متاثرن جو انگ 2001 ٿي ويو. سنڌ ۾...

ڪراچي/اسلام آباد(اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ملڪ اندر ڪورونا متاثرن جو انگ 2001 ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي اندر مجموعي انگ وڌي 676 ٿي ويو. ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 274، 94 تبليغي جماعت جي ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق بعد حيدرآباد ۾ مجموعي انگ 128 ٿي ويو، سکر ۾ 265، لاڙڪاڻي ۾ 7، جيڪب آباد ۾ هڪ ۽ دادو ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيل آهي. صحت واري وزير عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته سکر ۾ موجود 265 زائرين جا مثبت نتيجا آيا آهن، جڏهن ته 23 مريض علاج بعد صحتياب ٿي ويا آهن. صوبي اندر هيل تائين 8 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ وڌيڪ 18 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد صوبي ۾ انگ 676، خيبرپختونخوا ۾ وڌيڪ 32 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد انگ 253، بلوچستان 154، گلگت ۾ وڌيڪ 30 ڪيس سامهون اچڻ بعد 178، اسلام آباد ۾ 58 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.
COMMENTS