لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي حقيقي متاثرن جو انگ 4 لک 17 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته فوت ٿيلن جو انگ 18 هزار 6 سئو ...

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي حقيقي متاثرن جو انگ 4 لک 17 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته فوت ٿيلن جو انگ 18 هزار 6 سئو 15 ٿي چڪو آهي، جان هاپڪنز يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ 6 هزار 8 سئو 20 فوتگيون اٽليءَ ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته چين ۾ 3 هزار هڪ سئو 60، اسپين ۾ 2 هزار 808، ايران ۾ هڪ هزار 934، فرانس ۾ هڪ هزار 100، برطانيا ۾ 422، ليڌرلينڊس ۾ 276، جرمني ۾ 157، جڏهن ته نيويارڪ ۾ هاڻ تائين 131 ڄڻا وبا جو شڪار ٿي چڪا آهن. جان هاپڪنز يونيورسٽي جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ فوتگين ۾ اٽلي سرفهرست آهي پر ڪورونا وائرس جا حقيقي ڪيس اڄ به چين ۾ وڌيڪ آهن. چين ۾ وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 81 هزار 591، اٽلي ۾ 69 هزار 176، آمريڪا ۾ 53 هزار 740، اسپين ۾ 39 هزار 885، جرمني ۾ 32 هزار 986، ايران ۾ 24 هزار 811، فرانس ۾ 22 هزار 622، ڏکڻ ڪوريا ۾ 9 هزار 37، سوئٽزرلينڊ ۾ 9 هزار 877، جڏهن ته برطانيا ۾ حقيقي ڪيسن جو انگ 8 هزار164 آهي. جان هاپڪنز يونيورسٽي موجب ڪورونا وائرس جو شڪار هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو هاڻ تائين صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته دنيا جي 169 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جا مريض موجود آهن.
COMMENTS