سکر(بيورو رپورٽ) ايران ۽ عراق کان تافتان بارڊر پهتل 800 کان وڌيڪ زائرين مان 289 زائرين کي 6 بسن وسيلي سخت سيڪيورٽيءَ سان سکر جي قريشِي ڳ...
سکر(بيورو رپورٽ) ايران ۽ عراق کان تافتان بارڊر پهتل 800 کان وڌيڪ زائرين مان 289 زائرين کي 6 بسن وسيلي سخت سيڪيورٽيءَ سان سکر جي قريشِي ڳوٺ لڳ ليبر ڪالوني ۾ قائم ڪيل آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، منتقل ڪيلن ۾ 19 ٻارڙا، 270 عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن. سکر انتظاميه موجب پهرين مرحلي ۾ 289 زائرين کي سکر ليبر ڪالونيءَ جي فليٽس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جِتي ماهر ڊاڪٽرن تي مشتمل صحت کاتي جون ٽيمون پڻ موجود آهن، جن طرفان پهتل زائرين جي اسڪريننگ توڙي رت جا سيمپل ورتا ويا آهن، جيڪي ٽيسٽن جي لاءِ ڪراچي اماڻيا ويندا، مليل ڄاڻ موجب ليبر ڪالوني جي فليٽس ۾ قائم آئيسوليشن وارڊ 500 بسترن تي مشتمل آهي، جِتي مقرر ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي توڙي ضلعي انتظاميه جي عملدارن کي حفاظتي ماسڪ سميت ٻيون ضروري سامان مهيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 15 مارچ تي آيل زائرين مان 40 زائرين جي اسڪريننگ ڪئي وئي جن مان 13 زائرين ڪورونا وائرس ۾ مبتلاءُ هجڻ جي تصديق ٿي آهي،

COMMENTS