ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) 40 سالن کان سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ مير محمد لاکو (ڪمدار نبو ) زندگي جي آخري حصي ۾ فاقا ڪاٽڻ تي مجب...
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) 40 سالن کان سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ مير محمد لاکو (ڪمدار نبو ) زندگي جي آخري حصي ۾ فاقا ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. سرڪاري چينل پي ٽي وي تي سنڌي ڊراما ۽ سنڌي پروگرام هڪ سال کان بند هجڻ سبب بيروزگاري کي منهن ڏيندڙ سينيئر اداڪار جي ثقافت کاتي جي اختيارين به ڪا مدد ناهي ڪئي. ان سلسلي ۾ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي مير محمد لاکو چيو آهي ته 1979ع کان فن جي دنيا سان لاڳاپيل آهي، سوين سنڌي ڊرامن ۾ مُک ڪردار نڀايو آهي، فن جا جوهر ڏيکارڻ وقت ڪيترين ئي مصيبتن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي پر هاڻي سنڌ جي ثقافت کاتي توڙي پي ٽي وي جي اختيارين وساري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هڪ سال کان وٺي پي ٽي وي تي سنڌي ڊراما ۽ پروگرام رپيٽ هلايا پيا وڃن. سنڌي فنڪارن کي نئون ڪم نه پيو ڏنو وڃي. پر ٻين صوبن جي فنڪارن کي اڃا تائين ڊراما ملي رهيا آهن. هن چيو ته هاڻي طبيعت خراب رهي، عمر جي آخري حصي ۾ آهيان جيئري قدر نه پيو ڪيو وڃي. هن ثقافت کاتي جي اختيارين ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي اپيل ڪئي ته سنڌي فنڪار جي مدد ڪئي وڃي. ۽ کين ڪم ڏنو وڃي. جيئن فنڪار پنهنجو گھر هلائي سگھن.

COMMENTS