سکر(بيورو رپورٽ) پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميه سنڌ حڪومت جي حڪمن کي نه مڃيو، اسڪول کوليا ويا، اسڪولن جي کولڻ تي 7 پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن ...
سکر(بيورو رپورٽ) پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميه سنڌ حڪومت جي حڪمن کي نه مڃيو، اسڪول کوليا ويا، اسڪولن جي کولڻ تي 7 پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن معطل ڪئي وئي، سنڌ سرڪار طرفان تعليمي ادارا 13 مارچ تائين بند رکڻ واري سختي سان ڏنل حڪم باوجود پرائيويٽ اسڪولن پاران ڀڃڪڙي ڪندي سکر ڊويزن ۾ اسڪول کوليا ويا، شڪايتن تي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز ايجوڪيشن سکر رخسانه شاهين مڱڻيجو سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي اسڪولن جو دورو ڪري ڏهرڪي جي ماڙي گئس پيٽروليم هائير سيڪنڊري اسڪول، پراڻي سکر ۾ قائد اعظم پبلڪ اسڪول، گمبٽ ۾ دي ايجوڪيٽر، سوڀوديرو ۾ آءِ آر سي، گهوٽڪي ۾ اقراء ۽ يارو لنڊ اسڪول سميت 7 اسڪول کليل هئڻ تي انهن جي رجسٽريشن معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اهڙي رپورٽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سميت لاڳاپيل اختيارين کي ڏانهن پڻ اماڻي وئي آهي، رخسانه شاهين مڱڻيجو جو چوڻ هو ته پرائيويٽ اسڪولَ گورنمينٽ آف سنڌ جي هدايتن تي پابندي سان عمل ڪن، ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي،

COMMENTS