ڪراچي (رپورٽر) چين مان پکڙيل ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ سموري دنيا ۾ فوتين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو، ٻن لکن کان وڌيڪ متاثرن جي تصديق ڪئي و...
ڪراچي (رپورٽر) چين مان پکڙيل ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ سموري دنيا ۾ فوتين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو، ٻن لکن کان وڌيڪ متاثرن جي تصديق ڪئي وئي آهي. خطرناڪ وائرس چين کان پوءِ سموري دنيا اندر تيزي سان ڦلهلجي رهيو آهي، 170 ملڪلن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. خطرناڪ وائرس جي نتيجي ۾ مختلف ملڪن مان آيل رپورٽن موجب هيل تائين دنيا ۾ 8990 مريض فوت ۽ 220987 ڄڻا متاثر ٿي چڪا آهن. مختلف ملڪن ۾ 85745 متاثر صحتياب ٿي ويا آهن. چين جي شهر ووهان مان پکڙيل خطرناڪ وائرس تي چين ڪنٽرول آڻي ورتو آهي ۽ اتي مريضن جو انگ گهٽ ٿي رهيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران چين ۾ 11 وڌيڪ ڄڻا فوت ٿيا آهن، جتي فوتين جو مجموعي انگ 3237 ٿي ويو آهي. خطرناڪ وائرس جي نتيجي ۾ چين ۾ متاثر 80894 ڄڻن مان 70 هزار مريض صحتياب ٿيا، ٻين جو علاج جاري آهي. اٽلي ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران 475 ڄڻا فوت ٿيڻ کان پوءِ مجموعي فوتين جو انگ 2978 ٿي ويو آهي. متاثرن جو انگ 35713 تي پهچي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ايران ۾ وڌيڪ 147 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 1135 ٿي ويو آهي، متاثر مريضن جو انگ 17361 آهي. جن مان 5 هزار کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا آهن. اسپين ۾ فوتين جو مجموعي انگ 623 آهي ۽ متاثر مريضن جو انگ 14 هزار آهي. فرانس ۾ 175 ڄڻا فوت ۽ 7 هزارن کان وڌيڪ متاثر سامهون آيا آهن. امريڪا ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان 50 ئي رياستن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جتي فوتين جو انگ 155 آهي ۽ مجموعي مريضن جو انگ 9464 ٿي ويو آهي. ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ اٽلي ۽ اسپين ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، جتي ڪروڙن جي انگ ۾ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

COMMENTS