سکر(بيورو رپورٽ)روهڙي جو سنيئر صحافي رانا طفيل احمد بيماري سبب ڪيتري عرصي کان ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ داخل، غربت ۽ بيمار سبب صحافي جي ر...
سکر(بيورو رپورٽ)روهڙي جو سنيئر صحافي رانا طفيل احمد بيماري سبب ڪيتري عرصي کان ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ داخل، غربت ۽ بيمار سبب صحافي جي رهائشي جڳهه سميت گهر جو ٻيو سامان به بيماري جي ور چڙهي ويو، سکر جي قلمڪارن وزير اعظم پاڪستان سنڌ حڪومت صحافي تنظيمن جي اڳواڻن سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته سرڪاري طور صحافي جو علاج ڪرايو وڃي، تفصيل موجب، ماضيء جو ناليوارو قلمڪار رانا طفيل احمد جنهن روهڙي ۽ سکر ۾ پنهنجي رپورٽنگ ۽ ڪالمن ذريعي 30 سالن تائين غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائي علائقي واسين جي خدمت ڪئي، جڏهن ته صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو ناظمي دور ۾ ميڊيا منيجر به رهيو، جڏهن ته هن وقت صحافي رانا طفيل احمد بيماري سبب اکين جي نور کان به محروم ٿي ويو آهي، سرڪاري طورتي کيس جو علاج نه ٿيڻ سبب هن جي گهر سميت گهر جو ڪيمتي سامان به بيماري جي ور چڙهي ويو، پر صحتيابي نه ملي سگهي، جنهن ڪري هن وقت سندس گهر ڀاتي انتهائي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ۽ بيمار صحافي رانا طفيل احمد کي غربت سبب هن وقت وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگهه به ناهي رهي، پر هو اڄ به زندگيء جون ڪيتريون ئي بهارون ۽ سٺا ڏينهن گڏ گذاريندڙ دوستن سميت اختيار ڌڻين جي آسري ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي بيٺل آهي، سکر جي قلمڪارن ارشاد احمد ڊنڊڻ، يار محمد سومرو، ديدار انڙ، عثمان غني ميمڻ، آشان سومرو، غلام مصطفيٰ شيخ ۽ ٻين وزير اعظم پاڪستان عمران خان، سنڌ حڪومت، صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج لاء داخل بيمار صحافي رانا طفيل احمد جو سرڪاري طور تي علاج ڪرائي کيس جي حياتي بچائي وڃي،

COMMENTS