اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ۽ مولانا طارق جميل ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ هٿ ملائڻ کانسواءِ ملاقات ڪئي ۽ احتياطي اپائن ج...

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ۽ مولانا طارق جميل ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ هٿ ملائڻ کانسواءِ ملاقات ڪئي ۽ احتياطي اپائن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. مولانا طارق جميل وزيراعظم هائوس پهچي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اُن کان اڳ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپاءَ طور وزيراعظم عمران خان ۽ مولانا طارق جميل هڪٻئي سان هٿ نه ملايو، رڳو اشارن ۾ هڪ ٻئي کي کيڪاريو.
ملاقات بعد ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي وزيراعظم چيو ته مولانا طارق جميل ڪورونا وائرس جي حوالي سان سخت احتياطي اپاءَ اختيار ڪري سندن رهنمائي ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ اِن ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، صحت ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هٿ ملائڻ سوڌو ٻين جسماني رابطن کان پاسو ڪيو وڃي.
COMMENTS