سکر(بيورو رپورٽ) ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت جي حڪم تي سکر ۾ لاڪ ڊائون سرڪاري آفيسون بند، روڊ رستا شاپنگ سينٽر ۽ بازارون وي...
سکر(بيورو رپورٽ) ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت جي حڪم تي سکر ۾ لاڪ ڊائون سرڪاري آفيسون بند، روڊ رستا شاپنگ سينٽر ۽ بازارون ويران شھري گهرن تائين محدود ٿي ويا سٽي ٽرانسپورٽ گھٽ هلڻ ڪري رڪشا ۽ ويگن ڊرائيورن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا، روز ڪمائي کائڻ وارا مزدور به پريشان ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهيلجڻ واري خوف سبب سنڌ حڪومت جي حڪمن تي عمل ڪندي ڪمشنر سکر جي هدايتن تي انتظاميه سکر سميت ضلعي جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ مارڪيٽس بند ڪرايا، جنهن سبب سکر ۾ فريئر روڊ، ڪپڙا مارڪيٽ، شاهي بازار، شهيد گنج سميت ننڍيون توڙي وڏيون مارڪيٽون بند رهيو، جنهن ڪري شهر جا مين مارڪيٽ شاپنگ سينٽر ۽ روڊ رستا به ويران رهيا، شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا جڏهن ته ڳوٺن کان خريداري لاء آيل خريدار پڻ پريشاني ۾ مبتلاءُ ٿي شهر ۾ سڄو ڏينهن ڀٽڪندا رهيا، جڏهن ته سرڪاري آفيسون به بند رهيون، شهر ۾ ٽريفڪ گهٽ هجڻ سبب موقعي مان فائدو وٺندڙ رڪشا۽ ويگن ڊرائيورن مجبور مسافرن کان واڌو ڪرائو وٺڻ لڳا، ٻئي پاسي شھر جي ڪجھ دوڪاندارن دوڪانن کي بند ڪري ٻاهر ويهي خريدارن جو انتظار ڪندا رهيا، خريدار اچڻ تي شٽر ٿورو مٿي ڪري خريدارن کي سامان ڏئي چوري ڇپي روزگار ڪندي نظر آيا جڏهن ته غريب ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جون بي روزگاري ۽ ڪرونا وائرس سبب ننڊون حرام ٿي ويو آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان ڪرونا وائرس کان صوبي واسين کي بچائڻ لاء ڪراچي۔ حيدرآباد ۽ سکر سميت سڄي سنڌ ۾ شاپنگ مال۔ هوٽل۔ تفريحي ماڳ پارڪن ۔اليڪٽرانڪس ۔آئرن۔ فرنيچر۔سونارڪي۔ڪپڙي مارڪيٽن ۽ ٻين دوڪانن کي ٻن هفتن لاء بند ڪرڻ واري اعلان بعد لاڳاپيل انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي آهي سکر واسين کي هڪ طرف ڪرونا وائرس جو خوف آهي ته ٻئي طرف روزگار بند ٿيڻ ڪري عوام سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويو آھي سنڌ حڪومت جي کنيل ڪرونا وائرس کان بچاء لاء قدم ساره جوڳا آھن پر روز مزدوري ڪري پيٽ پالڻ وارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران ويھ لک راشن بيگ غريبن کي ڏيڻ وارو اعلان به ساراه جوڳو آھي پر جيڪڏهن ان ۾ شفافيت نه ٿي ته غريب ڪرونا وائرس گهٽ ۽ بکن تي گهڻا مري ويندا،

COMMENTS