اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو، مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين ...
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو، مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جي هڪ ڀيرو ٻيهر اي پي سي طلب ڪرڻ جي تجويز ڏني، ذريعن موجب ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ذريعن مطابق شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جي اي پي سي طلب ڪرڻ جي تجويز ڏيندي اي پي سي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. شهباز شريف به چيو آهي ته جيستائين منهنجي ڀاءُ نواز شريف جي صحت بهتر نٿي ٿئي تيستائين لنڊن ۾ رهڻ منهنجي مجبوري آهي، پر مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي حڪومت خلاف جيڪو به پلان طئه ڪندي ملڪ ۾ مسلم ليگ ن جي قيادت ان حوالي سان مڪمل طور تي تعاون ڪندي، ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت نه ڪرڻ تي ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي مٿان سخت ناراض هو، جنهن بعد ن ليگ جي اڳواڻ سردار اياز صادق مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ن ليگ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ رابطا بحال ٿيا، ڪالهوڪي رابطي کان پهريان به ن ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ فون تي رابطو ٿي چڪو آهي.

COMMENTS