لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي وئي، ٻيون رانديون اڃا چيلنج آهن، ايشيا ڪ...

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي وئي، ٻيون رانديون اڃا چيلنج آهن، ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جي مرضي نه هلندي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسان ماني جو چوڻ هو ته پاڪستان سُپر ليگ جو ايندڙ ايڊيشن پاڪستان ۾ ٿيندو، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ميچون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پي ايس ايل پاڪستان ۾ ڪرائڻ چيلنج هو، ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون، ٻيون رانديون اڃان به چيلنج آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڊي پي سي بي وسيم خان کي انگلينڊ بورڊ آڇ ڪئي هئي، پر هن ملڪ سان محبت جي ڪري انڪار ڪيو، ملڪ ۾ راندين جا گرائونڊ آباد ڪرڻ جو رٿيو آهي، وقت لڳندو پر ڪامياب ضرور ٿينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ پاڪستان ۽ ڀارت جو نه پر اي سي ميمبرن جو گڏيل معاملو آهي، گڏجاڻي ڪوروانا وائرس جي ڪري
ملتوي ٿي وئي، جيڪڏهن ڀارت سان ٻطرفي سيريز ٿئي ها ته انڊيا تي پاڪستان اچي کيڏڻ تي زور ڀريان ها، ايشيا ڪپ بابت فيصلو اجلاس ۾ ئي ٿيندو، ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کانسواءِ ٻيون رانديون به بحال ڪرڻ چيلينج آهي.
ملتوي ٿي وئي، جيڪڏهن ڀارت سان ٻطرفي سيريز ٿئي ها ته انڊيا تي پاڪستان اچي کيڏڻ تي زور ڀريان ها، ايشيا ڪپ بابت فيصلو اجلاس ۾ ئي ٿيندو، ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کانسواءِ ٻيون رانديون به بحال ڪرڻ چيلينج آهي.
COMMENTS