ڪراچي (دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ شادي جي انوکي تقريب ٿي جنهن ۾ روايت جي ابتڙ ڪنوار پنهنجي ڄڃ دهلن شرناين سان وٺي پاڻ گهوٽ جي گهر پهچي وئي. ڀارتي ...
ڪراچي (دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ شادي جي انوکي تقريب ٿي جنهن ۾ روايت جي ابتڙ ڪنوار پنهنجي ڄڃ دهلن شرناين سان وٺي پاڻ گهوٽ جي گهر پهچي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب راجسٿان ۾ هڪ ڪنوار نئين دلچسپ روايت جي شروعات ڪئي. ڪنوار جو ويس پهريل 25 ورهين جي جيا شرما بگي ۾ ويهي ڪارو چشمو لڳايو ۽ ڄاڃي دهلن ۽ شرنائين تي جهمريون هڻندا رهيا. هي ڄڃ گهوٽ جي گهر اچي بيٺي جتي ڄاڃين جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي. تقريب کانپوءِ گهوٽ ڪنوار کي پنهنجي گهر روانو ڪيو ويو. ڪنوار جيا شرما ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مردن ۽ عورتن جا برابر جا حق آهن جيڪڏهن مرد ڄڃ آڻي سگهي ٿو ته اهو ئي ڪم عورت ڇو نٿي ڪري سگهي؟ راجسٿان ۾ عورتن بابت دقيانوسي خيالن کي تبديل ڪرڻ لاءِ مان پنهنجي مڙس سان ڄڃ آڻڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي جنهن جو هن احترام ڪيو. ان موقعي تي جيا شرما مشهور اداڪار عامر خان جي فلم دنگل جو مشهور ڊائيلاگ به ٻڌايو ۽ چيو ته “منهنجون ڌيئريون ڪنهن ڇوڪري کان گهٽ آهن ڇا؟ هن شادي جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته گهوٽيتن ڪنهن قسم جي ڏاج جي گهر ناهي ڪئي ۽ ڪنوار لاءِ سموري سامان جو انتظام ساهرن ڪيو آهي. علائقي واسين هن شادي کي سماج ۾ تبديلي جو پهريون قدم قرار ڏنو آهي.
COMMENTS