ڪراچي (بيورو رپورٽ ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي حالتن دوران شيون ذخيرو ڪندڙ يا مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جا اختياري ڊي سيز ۽ اي...
ڪراچي (بيورو رپورٽ ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي حالتن دوران شيون ذخيرو ڪندڙ يا مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جا اختياري ڊي سيز ۽ ايس ايس پي کي ڏنا ويا. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ نئون قرنطينه بلاڪ ٺاهي سکر جي مريضن کي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ جُڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت واري وزير، چيف سيڪريٽري، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير سکر جي ليبر ڪالوني ۾ موجود زائرين کي مڪمل سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪراچي ۾نئون بلاڪ قائم ڪري سکر جي مريضن کي منتقل ڪيو وڃي. جتي ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، فارميسي، وينٽيليٽر، آڪسيجن ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪيون وڃن. وڏي وزير عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ ٺاهيل اسپتال ۾ مريضن جي ٽيسٽ ڪرڻ جي وڌيڪ نيون ڪٽس خريد ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ڊي سيز ۽ ايس ايس پيز کي ذخيرو ڪندڙن ۽ شيون مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ اضافي چارج ڏنا ويا.

COMMENTS