سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي نائين ڏينهن به سکر ۾ ڪاروباري مرڪز بند آهن، پوليس جي نرمي سبب روڊن تي شهرين جا هجوم لڳي ويا، رستا کو...
سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي نائين ڏينهن به سکر ۾ ڪاروباري مرڪز بند آهن، پوليس جي نرمي سبب روڊن تي شهرين جا هجوم لڳي ويا، رستا کولڻ بعد شهر ۾ ٽرانسپورٽ به هلي رهي آهي، کاڌ خوراڪ نه ملڻ ڪري پورهيت طبقو بکن ۾ پاهه ٿي ويو آهي. نوسر باز ۽ پيشاور پينو ماڻهن جا ٺٺ، منتخب نمائندن سميت سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻ سوڌو مخير ماڻهن جي درن تي عورتن سان گڏ وڃي پوري سال جو راشن گڏ ڪري ورتو،
سکر ۾ نائين ڏينهن به لاڪ ڊائون هجڻ ڪري ضلع جي ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند آهي، مستحقين کي کاڏ خوراڪ نه ملي سگهيو. سکر شهر ۾ ڪاروباري مرڪز بند پيل آهن، صبح جو 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين پوليس پاران نرمي سبب ڀاڄين توڙي فروٽن ۽ کاڌي پيتي جي دڪانن تي شهرين جي رش لڳي وئي. پوليس پاران رستا کولڻ بعد شهر ۾ ٽرانسپورٽ به هلي رهي آهي ۽ شهري گهرن ۾ رهڻ بدران گهٽين ۽ چوراهن تي گهمي ڦري رهيا آهن. لاڪ ڊائون سبب بي روزگار ٿيل مزدور طبقي جي ماڻهن کي راشن نه ملڻ ڪري دانهون ڪرڻ لڳا آهن، ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪن ته روزگار ڏيو يا راشن ڏيو ته جيئن زندگيون بچي سگهن. جڏهن ته سکر شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترائي پيشاور پينو ۽ نوسربازن ماڻهو عورتن سميت صبح کان شام تائين راشن گڏ ڪرڻ لاء چونڊيل نمائندن سوڌو سڀني سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ مخير ماڻهن جي گهرن آفيسن ۽ اوطاقن تي پهچي وڃن ٿا جن هن وقت تائين پوري سال جو راشن گڏ ڪري ورتو آهي پر پوء به اهي نوسر باز گهرن ۾ بيروزگار ٿي ويٺل پورهيتن کي راشن وٺڻ جو موقعو ڏيڻ لاء تيار ناهن،

COMMENTS