اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف زرداري عورتن جي آزادي مارچ جي حمايت ڪندي سنڌ ۾ عورتن جي مارچ کي تحفظ ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪري ...
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف زرداري عورتن جي آزادي مارچ جي حمايت ڪندي سنڌ ۾ عورتن جي مارچ کي تحفظ ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جاري ٿيل بيان موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري سنڌ عورتن جي آزادي مارچ جي حمايت ڪندي سنڌ سرڪار کي هدايت ڪئي اهي ته عورتن جي مارچ کي تحفظ ۽ سهولتون مهيا ڪيون وڃن. پيپلز پارتي عورتن جي مارچ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ سندن جماعت ئي عورتن جي حقن جي ضامن آهي.
اڳوڻي صدر چيو ته عورتن کي ڪمزور ۽ گهٽ سمجهڻ واري سوچ کي شڪست ملندي، پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي فلسفي تي ثابت قدم آهي، معاشري ۾ عورتن جي برابريءَ واري حق کي تسليم ڪرڻو پوندو. شهيد بينظير ڀٽو جو ڪردار عورتن لاءِ مشعلِ راهه آهي، جڏهن ته بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداري به عورتن جو آواز ۽ طاقت آهن.

COMMENTS