سکر(چيف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران ڪورونا کي روڪڻ لاءِ جاري لاڪ ڊائون کي 11 ڏينهن ٿي ويا، سکر سميت سنڌ ۾ روزگار ۽ خوراڪ بند ٿيڻ جي نتيجي ۾ ...
سکر(چيف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران ڪورونا کي روڪڻ لاءِ جاري لاڪ ڊائون کي 11 ڏينهن ٿي ويا، سکر سميت سنڌ ۾ روزگار ۽ خوراڪ بند ٿيڻ جي نتيجي ۾ بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي آهي، سکر ضلع جي ننڍن وڏن شهرن ۾ روزگار ۽ خوراڪ نه ملڻ خلاف عورتون، مرد توڙي ٻارڙا روڊن تي نڪري آيا، ڀاڄين ۽ ميون سوڌو عام واهپي جي شين وارن بازارن ۾ دڪانن ۽ بينڪن آڏو سڄو ڏينهن رش لڳل رهي، رينجرز ۽ پوليس جا اھلڪار به بينڪن تي ملازمن وچ ۾ وٿي ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا ،قطارن ۾ بيھارڻ تان ملازمن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ ڏند چڪ به ٿيا، بينڪن تي ملازمن جي رش گڏجي بيھڻ ڪري ڪورونا وائرس جي ڦھلاءَ جا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته سکر جي ٻهراڙين توڙي شهرن وارن علائقن ۾ لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿيل غريب ماڻهن کي سنڌ حڪومت پاران هن وقت تائين کاڌ خوراڪ نه ملڻ جي ڪري بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي آهي. ۽ پورهيت طبقي جا ماڻهو گهرن ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته انتطاميه جي ٿوري نرمي سبب سکر جي ننڍن وڏن روڊن تي ٽرانسپورٽ به هلندي رهي، جڏهن ته سکر شهر ۾ مسلسل لاڪ ڊائون جي ڪري عوام کي ضرورت زندگي جون شيون فراهم ڪرڻ لاء ڪجهه دڪان کوليا ويا هئا، جنهن تي به ضلعي انتظاميه سکر لاڪ ڊائون جي سختي ۾ اضافو ڪندي ڀاڄين ۽ ڪڪڙين جا دڪان به بند ڪرائي ڇڏيا جنهن سان شھر ۾ خوف ۽ حراس وڌي ويو آهي. ۽ شهري مايوسي جو شڪار آهن،

COMMENTS