سکر(چيف رپورٽر) ڪورونا وائرس سبب سکر ۾ لاڪ ڊائون کي لاڳيتو 15 ڏينهن گذري ويا پر سنڌ حڪومت مستحقين کي راشن پهچائي نه سگهي، ڪاروبار بند هج...
سکر(چيف رپورٽر) ڪورونا وائرس سبب سکر ۾ لاڪ ڊائون کي لاڳيتو 15 ڏينهن گذري ويا پر سنڌ حڪومت مستحقين کي راشن پهچائي نه سگهي، ڪاروبار بند هجڻ ڪري لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، غريبن جي واهر نه ٿي گهرن ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا، سکر جي ڪيترن علائقن ۾ لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ٿيل ماڻهن يوسي چيئرمينن سميت منتخب نمائندن خلاف احتجاج ڪري راشن سوڌو سهائتا نه ٿيڻ جون داهون ڪيو، ان سلسلي ۾ پورهيت طبقي جو چوڻ آهي ته محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندا هئاسين، هاڻي لاڪ ڊائون سبب گهرن ۾ ڪجهه به ناهي بچيو، راشن به ضرورتمندن کي نٿو ملي.جڏهن ته سکر جا مرڪزي ڪاروباري علائقا مهراڻ مرڪز، گليمر سينٽر، شاهي بازار، شهيد گنج، فريئر روڊ ۽ ٻيا 15 هين ڏينهن به بند رهيا، جڏهن ته شهر جي ڪجهه روڊن تي پبلڪ ٽرانپورٽ هلندي رهي، سکر شهر سوڌو ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ لاڳيتو ڪاروبار بند هجڻ ڪري لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، جنهن ڪري پورهيت طبقو ٻين سورن سان گڏ بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويو آهي. ٻئي طرف پوليس ۽ رينجرز جو شهر ۾ گشت جاري آهي ۽ شھري گھرن تائين محدود آهن.

COMMENTS