سکر(چيف رپورٽر) ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي 18 ڏينهن تي سکر شهر ۾ جزوي طور لاڪ ڊائون ٿي، سموري شهر ۾ شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون ما...
سکر(چيف رپورٽر) ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي 18 ڏينهن تي سکر شهر ۾ جزوي طور لاڪ ڊائون ٿي، سموري شهر ۾ شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون ڪجهه بند ته ڪي وري کليل رهيا، جڏهن ته سکر جي روڊن تي پبلڪ ٽرانسورٽ به معمول مطابق هلندي رهي، ٻئي طرف شهر ۾ پوليس سان گڏ رينجرز جو گشت جاري آهي، جنهن دوران بنا ضرورت گهرن کان ٻاهر نڪرندڙ ماڻهن کي روڪڻ ۽ چيڪنگ جو سلسلو به جاري آهي، جنهن دورن گهرن کان ٻاهر نڪرندڙ شهرين کان سخت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ڪيل لاڪ ڊائون جي ڪري سکر ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا آهن، ۽ هٿراڌو مهانگائي ڪندڙ دڪاندارن کان ڪوبه پڇڻ وارو ڪونهين، جنهن ڪري بيروزگار بڻيل پورهيت طبقو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، ۽ مزدوري ڪندڙ غريب پورهيت سخت پريشان آهن، سندن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود سڀ ڪجهه بند پيل آهي، جنهن ڪري هو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن،کين فوري طور سرڪار پاران ڏنل راشن فراهم ڪري فاڪاڪشي کان بچايو وڃي،

Mukamal band haen ye jhabar bilkul choot hai
جواب دیںحذف کریں