سکر(رپورٽ عدنان راجپوت) سکر جي يوسي 24 بچل شاه مياڻي جي رهواسين سنڌ سرڪار پاران اعلانيل راشن نه ملڻ ڪري احتجاج ڪيو، منتخب نمائندن خلاف ن...
سکر(رپورٽ عدنان راجپوت) سکر جي يوسي 24 بچل شاه مياڻي جي رهواسين سنڌ سرڪار پاران اعلانيل راشن نه ملڻ ڪري احتجاج ڪيو، منتخب نمائندن خلاف نعريبازي، سي ايم سنڌ کي واهر جي اپيل ڪئي،
سکر جي يوسي 24 بچل شاه مياڻي جي رهواسين ڪورونا وائرس سبب ڪيل لاڪ ڊائون ۾ بيروزگار ٿيڻ ۽ سرڪاري اعلانيل راشن نه ملڻ سبب منتخب نمائندن خلاف احتجاج ڪيو، جنهن جي اڳواڻي قربان چوهاڻ، عامر ميراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جڏهن ته مڇريل ماڻهن سنڌ حڪومت هائي هائي جا نعراه پڻ هنيا، ان موقعي تي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته ميئر سکر ۽ ڊپٽي ميئر سکر پنهنجي من پسند ماڻھن ۾ راشن تقسيم ڪيو آهي، ۽ باقي روز مزدوري ڪرڻ واري طبقي جي گهرن ۾ اڄ بي فاقا ڪشي واري صورتحال برقرار آھي هنن چيو ته اسان کي احتجاج ڪرڻ جو ڪو شوق ڪونهي پر ٻچن جي بک کي ڏسي مظاهري ڪرڻ تي مجبور آھيون، هنن وزيراعليٰ سنڌ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته واهر ڪري بکن تي مرڻ کان بچايو وڃي،

COMMENTS