ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر / مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌڻ بعد ملڪ ۾ مجموعي طور تي ڪيسز جو انگ 3160 ٿي ويو آهي، جڏه...
ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر / مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌڻ بعد ملڪ ۾ مجموعي طور تي ڪيسز جو انگ 3160 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 881 ۽ پنجاب ۾ ڪيسز جو انگ 1380 آهي، 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري تصديق کانپوءِ ملڪ اندر فوتين جو انگ 47 ٿي ويو آهي.
سنڌ
سنڌ ۾ هن وقت تائين 51 نوان ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي اندر مجموعي طور تي متاثرن جو انگ 881 ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ 417، سکر ۾ 274، حيدرآباد ۾ 156، لاڙڪاڻي ۾13، بينظير آباد ۾ 06، ٽنڊومحمد خان ۾ 05، ڄامشوري ۾ 02، نوشهري فيروز ۾ 02، گهوٽڪي ۾ 02، بدين، جيڪب آباد، دادو ۽ سجاول ۾ هڪ هڪ مريض جي تصديق ٿي آهي، سنڌ صوبي ۾ 881 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته 123 ڄڻا صحتياب پڻ ٿيا آهن، مجموعي طور تي علاج هيٺ هن وقت 742 مريض آهن ۽ 16مريض فوت ٿي چُڪا آهن.

پنجاب
پنجاب ۾ ڪورونا وبا سبب تيزيءَ سان مريض جو انگ وڌي رهيو آهي، هن وقت 184 نوان ڪيسز سامهون اچڻ ڪري مجموعي طور تي صوبي اندر متاثرن جو انگ 1380 ٿي ويو آهي، لاهور، ڊيرا غازي، رائونڊ سميت صوبي جي اڪثر علائقن ۾ ڪورونا جا متاثر سامهون اچي رهيا آهن. جڏهن ته صوبي ۾ مجموعي طور تي 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

خيبرپختونخوا
ڪي پي ۾ ڪورونا متاثرن جا وڌيڪ 33 نوان ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ هن وقت تائين مجموعي طور تي صوبي اندر متاثرن جو انگ وڌي 405 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪي پي اندر فوت ٿيندڙ متاثرن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي، خيبرختونخوا ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

بلوچستان
بلوچستان ۾ به وڌيڪ 3 نوان ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي اندر متاثر ٿيندڙن جو انگ وڌي 192 ٿي ويو آهي، صوبي اندر 11 کان وڌيڪ ڊاڪٽرز به هن وبا سبب متاثر ٿيا آهن، ان کان علاوه سيڪيورٽي اهلڪار پڻ شامل آهن، جڏهن ته صوبي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي.

گلگت بلتستان
گلگت ۾ به 15 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ مجموعي طور تي متاثر ٿيندڙن جو انگ وڌي 210 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

اسلام آباد/آزاد ڪشمير
وفاقي گادي واري هنڌ ۾ 3 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، جنهن سبب مجموعي طور تي ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 78 ٿي ويو آهي.
آزاد ڪشمير ۾ به ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي رهيو آهي، 2 نوان ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ مجموعي طور تي آزاد ڪشمير ۾ متاثر ٿيندڙن جو انگ 14 ٿي ويو آهي.

COMMENTS