پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ لڳ هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولن ۾ پيءُ، ڀاءُ ۽ سندس ٻه پٽ شامل آهن، پوليس مقتولن جا لاش اس...

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ لڳ هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولن ۾ پيءُ، ڀاءُ ۽ سندس ٻه پٽ شامل آهن، پوليس مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڳوٺ کولرا عباسي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پورهيت علي ڏنو جي گهرتي ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي علي ڏنو، سندس ڀاءُ خالق ۽ ٻه پٽ ماجد ۽ شاهد ٿڏي تي قتل ٿي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي سول اسپتال پيرڳوٺ منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتولن وارثن جو چوڻ آهي ته هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي چوري جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڌڻي جاڳي پيا ۽ مذمت تي هٿياربندن فائرنگ 4 ڀاتين کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت مقتولن جي وارثن پاران چوري جو ڪارڻ ٻڌايو پيو وڃي، وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.
COMMENTS