سکر (چيف رپورٽر) تافتان بارڊر کان سکر قرنطينه سينٽر منتقل ڪيل زائرين مان وڌيڪ 66 ڄڻا صحتياب ٿي ويا، جڏهن ته سکر ۾ قائم قرنطينه سينٽر مان...
سکر (چيف رپورٽر) تافتان بارڊر کان سکر قرنطينه سينٽر منتقل ڪيل زائرين مان وڌيڪ 66 ڄڻا صحتياب ٿي ويا، جڏهن ته سکر ۾ قائم قرنطينه سينٽر مان پهرين کيپ جي 151 ڪورونا وائرس جي مريضن مان صحتياب ٿيلن جو انگ وڌي 89 ٿي ويو آهي. ايران مان مقدس زيارتون ڪري واپس موٽڻ تي تافتان بارڊر کان سکر جي قرنطينه سينٽر منتقل ڪيل زائرين جي پهرين کيپ ۾ شامل 302 زائرين مان 151 کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي. ڪمشنر سکر موجب ڪورونا وائرس ۾ مبتلا وڌيڪ 66 ڄڻن جون ٽيسٽون نيگيٽوَ آيون آهن، جن کي اڄ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته 23 زائرين ڪجهه ڏينهن پهريان صحتياب ٿي گهر وڃي چڪا آهن، اڄ وڌيڪ 66 زائرين جي صحتياب ٿيڻ بعد، صحتيابي ماڻيندڙن جو مجموعي انگ 89 تي پهچي ويو آهي. ڪمشنر سکر موجب قرنطينه سينٽر ۾ 207 ڪورونا وائرس جا مريضن اڃا به موجود آهن، جن جو علاج هلندڙ آهي

COMMENTS